نذير چوهاڻ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ ترين گروپ جو رد عمل سامهون اچي ويو

لاهور:تحريڪ انصاف ترين هم خيال گروپ نذير چوهاڻ طرفان گروپ ڇڏڻ جي اعلان کي حڪومتي دٻاءُ ۽ نذير چوهاڻ جي انفرادي ڪمزوري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هم خيال گروپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نذير چوهاڻ کي سمجهايو هو ته سياست ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ڪنهن جي مٿان مذهبي الزام لڳائڻ مناسب نه آهي. پر هو لاڳيتو شهزاد اڪبر مٿان مذهبي مڙهيندو رهيو. امڪان آهي ته حڪومت ۾ شامل ڪجهه سازشي عناصر نذير چوهاڻ کي استعمال ڪري جهانگير ترين جي خلاف نئين مهم شروع ڪن.

ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ ترين هم خيال گروپ جي سينئر اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته نذير چوهاڻ جذباتي ۽ گرم طبيعت رکندڙ انسان آهي نذير چوهاڻ  پنهنجي خواهش ۽ رضامندي سان اسان جي گروپ ۾ شامل ٿيو هو. ان وقت هن جو چوڻ هو ته ترين هم خيال گروپ هڪ جهاد ڪري رهيو آهي ۽ مان ان ۾ ضرور شامل ٿيندس.

نذير کي مذهبي معاملن تي بيان بازي کان روڪيو هو ۽ سمجهايو هو ته سياست ۾ سياسي ڳالهه ڪئي وڃي. مذهبي الزام  نه هڻڻ گهرجن. نذير چوهاڻ شهزاد اڪبر مٿان الزام لڳائي غلط حرڪت ڪئي. جهانگير ترين سميت اسان سڀني ساٿين کيس مذهبي الزام تراشي کان منع ڪيو هو. شهزاد اڪبر جي وضاحتي ٽوئٽ کان پوءِ ٻيهر نذير چوهاڻ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪنهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.

راجا رياض چيو ته جهانگير ترين جي هدايتن تي ٻه ڏينهن اڳ مون پنهنجي گهر تي ترين گروپ جو اجلاس گهرائي نذير چوهاڻ جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چوهاڻ سان مڪمل اظهار يڪجهتي جو اعلان ڪيو هو ان لاءِ نذير چوهاڻ جو گروپ جي مدد نه ملڻ جو ڏوراپو ڪوڙو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔