وفاقي سرڪار پاران يوٽيلٽي اسٽورز تي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ

اسلام آباد: حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي به مهانگائي جو سونامي برپا ڪري ڇڏيو، يوٽيلٽي اسٽورز تي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، مختلف برانڊز جا کاڄرو تيل 40 رُپيا في لِٽر مهانگا، گيهه جي اگهن ۾ به 34 رُپين تائين واڌ، خُشڪ کير 10 کان 40 رُپيا ۽ شيمپو سوا چار رُپيا مهانگا ٿي ويا، شھرين پاران وڌايل اگھن کي رد ڪندي چيو ويو آھي تھ اڳ ئي مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي، غريب طبقو يوٽيلٽي اسٽورز ڏانھن رخ ڪندو آھي، حڪومت کي گھرجي تھ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔