شايد شاداب خان مون کي پسند ڪندو آهي: ڪنزيٰ هاشمي

من موهڻي اداڪارا ڪنزيٰ هاشمي ڪرڪيٽر شاداب خان طرفان کيس سوشل ميڊيا تي فالو ڪرڻ بابت سوال تي چيو آهي ته شايد هو مون کي پسند ڪندو آهي.
ڪنزيٰ هاشمي تازو ساٿي اداڪار سميع خان سان گڏ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي کانئس ميزبان دلچسپ سوال ڪيا.
پروگرام جي هڪ سيشن دوران ميزبان ڪنزيٰ هاشمي کي چيو ته توهان کي قومي ڪرڪيٽر شاداب خان انسٽاگرام تي فالو ڪيو، جنهن تي اداڪارا حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي ناهي خبر، مان ان کي فالو ناهي ڪيو، جيڪڏهن مان به کيس فالو ڪيان ها ته مون کي ان ڳالهه جو علم هجي ها.
ڪنزيٰ هاشمي وڌيڪ چيو ته شايد مان شاداب خان کي سٺي لڳندي آهيان يا وري ان کي منهنجو ڪم پسند آهي، ان ڪري هن مون کي انسٽاگرام تي فالو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔