ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 23.79 تي پهچي وئي

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو بيهجي ناهي سگهيو ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 23.79 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪيل 11 هزار 65 ٽيسٽن مان 2 هزار 632 جو نتيجو هاڪاري آيو، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران وڌيڪ 30 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.
ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 11.83 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ٻين ضلعن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.15 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔