طالبان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اهي ناهن مَٽيا: اشرف غني

ڪابل: افغانستان جي صدر اشرف غني دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ايندڙ 6 مهينن ۾ تبديل ٿي ويندي.
اشرف غني ڪابينا جي پهرئين ڊجيٽل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته طالبان افغان امن جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ۽ اهي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تبديل نه ٿيڻ تائين امن واري عمل ۾ شامل نه ٿيندا.
هن چيو ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ايندڙ ڇهن مهينن ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ افغان شهرين جي سلامتي اسان جي ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته طالبان ناهن مَٽيا، اهي يا امن نٿا چاهين يا ته ملڪ جي ترقي نٿا چاهين ۽ طالبان باغي گروپن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني آهي، طالبان اسان جي لاءِ ماضي جهڙو مستقبل بڻائڻ چاهين ٿا.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغان طالبان جي ترجمان سهيل شاهين جو هڪ انٽرويو ۾ چوڻ هو ته افغان صدر اشرف غني جو اقتدار ۾ رهڻ طالبان جي آڻ مڃڻ ۾ رنڊڪ آهي، امن معاهدي جي لاءِ نئين حڪومت جو قيام ۽ افغان صدر جو عهدو ڇڏڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔