قومي اسيمبلي ۾ عورت ميمبرن جو زيادتي جي جوابدارن کي سَر عام ڦاهي جو مطالبو

اسلام آباد: نور مقدم سميت عورتن سان ٿيندڙ زيادتي واقعن تي سڄو ايوان هڪ آواز بڻجي ويو ۽ عورت ميمبرن زيادتي ۾ ملوث جوابدارن کي سرَ عام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نور مقدم سميت ٻين عورتن سان ٿيندڙ واقعن سبب ايوان ۾ ماحول سوڳوار بڻجي ويو. عورتن سان ٿيندڙ واقعن بابت ڳالهائيندي رومينا خورشيد اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺي. هن چيو ته 14 مهينن جي ٻار اڳيان سندس امڙ سان زيادتي ڪئي ٿي وڃي ۽ پوءِ ان کي قتل ڪيو ٿو وڃي، نور مقدم ۽ ٻيون عورتون قتل ڪيون ويون پر انهن جي لاءِ هن ايوان ۾ فاتحه خواني نه ڪئي وئي، سياسي مخالفت کي هڪ پاسي رکي ان معاملن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، رومينا خورشيد جي نشاندهي کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر شهيد عورتن لاءِ فاتحه خواني ڪرائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔