پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو جي ڊي اي کي ٿيندو: ارباب غلام رحيم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جَي سنڌ افيئرز بابت خاص مددگار ارباب غلام رحيم چيو آهي ته سنڌ ۾ اپوزيشن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، آفيسر شاهي هوش مان ڪم ڪن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪندڙ آفيسرن جون لسٽون تيار ٿي چڪيون آهن. ڪراچي ۾ جلال محمود شاهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته منهنجو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو جي ڊي اي کي ٿيندو.هن چيو ته سنڌ جو عوام 12 سالن کان پيپلز پارٽي کي برداشت ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت اپوزيشن خلاف ٻڪري چوري جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرائي رهي آهي، پر امتياز شيخ پنج سئو ايڪڙ زمين جو ته حساب ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔