جنهن ڏينهن سنڌ جو عوام قائل ٿيو تنهن ڏينهن خوشگوار تبديلي ڏسندا: شاهه محمود

ملتان: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سنڌ جو عوام تبديلي چاهي ٿو ۽ کين اهو احساس ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته هڪ متبادل جماعت آهي جيڪا سندن داد رسي ڪري سگھي ٿي، جنهن ڏينهن سنڌ جو عوام قائل ٿي ويو ته سنڌ ۾ به خوشگوار تبديلي نظر ايندي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي پي-38 سيالڪوٽ گھڻي عرصي کان مسلم ليگ ن جي ڪنٽرول ۾ هئي ۽ اهي اتان ڪاميابيون حاصل ڪندا رهيا پر عوام اتي پلٽو کاڌو تحريڪ انصاف جي مامزد ڪيل اميدوارن کي چونڊيو، اهو هڪ اڀرندڙ ٽرينڊ آهي ۽ اسان انهيءَ ٽرينڊ کي اڳتي کڻي هلنداسين.هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي سربراهي ۾ سنڌ جي سياسي رابطن بابت حڪمت عملي طئي ڪئي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته آئون پاڻ به ڪراچي ويو هيس جتي ڪجهه دوستن سان به ملاقات ٿي آهي جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ دوستن سان ملاقات ٿيندي ته جيئن اسان سنڌ جي عوام سان رابطو ڪريون، اتان جي لاڳاپيل مسئلن کي سمجهي انهن جو حل ڳوليون ۽ عوام کي متبادل به فراهم ڪريون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔