دودو ڀيل قتل ڪيس جو چالان پيش، ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ سميت 4 جوابدار نامزد

مٺي:ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد مارجي ويل پورهيت دودو ڀيل جي قتل واري معاملي ۾ ٿرپارڪر پوليس ڪيس جو چالان مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ ايس ايڇ او اسلام ڪوٽ سميت 4 ٻيا جوابدار نامزد ڪيا ويا.اسلام ڪوٽ جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي ۽ ٻين ٽن جوابدارن جا نالا دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا. جاچ آفيسر موجب هڪ سيڪيورٽي اسسٽنٽ ۽ 2 سيڪيورٽي گارڊ پنجاب جي مختلف علائقن جا رهواسي آهن، روپوش ٿي ويا آهن، ايس ايڇ او عبدالرزاق جمالي کي پورهيتن تي تشدد معاملي جي مڪمل ڄاڻ هئي، هو مانيٽرنگ به ڪندو رهيو آهي. جاچ آفيسر سراج لاشاري جو چوڻ هو ته ڏوهاري ايس ايڇ او به روپوش آهي، سندس ڏوهه قلم 201 ۽ 119 پي پي سي جي ذمري ۾ اچي ٿو، ڪيس ۾ وڌيڪ نامزد ڪيل ٿر ڪول جي سيڪيورٽي گارڊن ۾ حارث احمد، محمد طفيل ۽ وزير احمد شامل آهن.دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ گرفتار سيڪيورٽي انچارج ڪاشف ڪمانڊر ۽ قمر رضا ڪمانڊر کي مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتان کين جيل اماڻيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔