مريم نواز ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪورونا جو شڪار ٿي وئي. مسلم ليگ (نواز) جي ترجمان مريم اورنگزيب تصديق ڪندي ٻڌايو تھ مريم نواز جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو جنھن کانپوءِ ھن پنھنجو پاڻ کي قرنطينھ ڪري ڇڏيو آھي. ھن جو چوڻ ھو تھ مريم نواز سميت سڀني مريضن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آھي. خيال رھي تھ گذريل ڪيترائي ڏينھن مريم نواز آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي اليڪشن مھم ھلائي ھئي. جنھن ۾ ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ بھ شريڪ ھئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔