ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 30 سيڪڙو تي پهچي وئي، 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو وڃي: پي ايم اي

ڪراچي:سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڪورونا جي شر ح 30 سيڪڙو تي پهچي وئي، سنڌ صحت کاتي ۽ طبي ماهرن پابنديون سخت ڪرڻ ۽ 14 ڏينهن جو لاڪ ڊائون هڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سنڌ سرڪار جي 3 وزيرن ناصرشاهه، مرتضيٰ وهاب ۽ اويس شاهه تي ٻڌل ڪاميٽي پاران سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ سنڌ ٽاسڪ فورس سڀاڻي سڏايل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪندي، ٻئي طرف نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ڪورونا ظاهر ٿيڻ بعد آئسوليٽ ٿي وئي، ان ڏس ۾ نواز ليگ موجب مريم نواز بخار، کنگهه ۽ زڪام جون علامتون ظاهر ٿيڻ بعد ٽيسٽ ڪرائي، ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد هن پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مشرف دور ۾ 2002.07ع سنڌ ۾ اطلاعات وارو صلاحڪار رهندڙ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر صلاح الدين حيدر ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو، صلاح الدين جي نياڻي عنبرين اهڙي تصديق ڪئي آهي، ٻئي طرف پي ايم اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر قيصر سجاد چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 30 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، ڪورونا تي ضابطي لاءِ 15 ڏينهن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لڳايو وڃي، هوڏانهن ڪورونا جي چوٿين لهر دوران 44 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 4119 نون ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ وڌي 56952 ٿي ويو، ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 7.9، سنڌ ۾ 12.6، ڪراچي ۾ 30، حيدرآباد ۾ 11،پنجاب ۾ 3.5 ۽ لاهور ۾ 7 سيڪڙو رهي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔