پهرين محرم کان عمري ادائيگي جي اجازت، 9 ملڪن تي پابندي برقرار

رياض: سعودي حڪومت پهرين محرم الحرام کان 9 ملڪن کان سواءِ ٻين ملڪن مان ايندڙ زيارتين لاءِ عمرو کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سعودي عرب جي حج ۽ عمر واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمري جي ادائيگي دوران صحت ۽ سلامتي بابت ضابطن ۽ قاعدن کي يقيني بڻايو ويندو.
سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت موجب عمري جي منظور ٿيل پورٽلز جي تحت آن لائن بڪنگ ٿي سگهندي پر پاڪستان ۽ ڀارت سميت 9 ملڪن جي عمري جي زيارتين کي اجازت نه هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔