سکر: سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي پينشن واري رقم جاري ڪري ڇڏي

سکر: مارڪيٽ ڪاميٽي جي ملازمن کي پينشن نه ملڻ وارو معامرو، سنڌ حڪومت رٽائرڊ ملازمن کي پينشن واري رقم جاري ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رٽائرڊ ملازمن طرفان پينشن جي ادائيگي نه ٿيڻ تي داخل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع محمد چانڊيو عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري ڪئي وئي آھي، عدالت رٽائرڊ ملازمن کان پڇيو ته ڇا توھان کي پينشن جي رقم ملي آھي، جنهن تي هنن چيو ته جي اسان کي پينشن واري رقم جا چيڪ ملي ويا آھن، واضح رهي ته عدالت سنڌ جي وڏي وزير سميت سنڌ ڪابينا جي بند پگھار جاري ڪرڻ جو عدالت حڪم ڏنو هو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي ڊبل بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اھڙو حڪم ڏنو هو، هاڻي عدالت چيو آهي ته سنڌ ڪابينا، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زراعت جون به پگھارون جاري ڪيون وڃن، شفيع محمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ڪاميٽي جي رٽائرڊ ملامزن کي پينشن جي مد ۾ 6 ڪروڙ روپيا جاري ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔