ڪورونا وبا وڌيڪ 25 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 800 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 25 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته گذريل ڏينهن 830 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 37 هزار 364 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 830 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جو انگ 964.490 ٿي وئي آهي. جن مان 908.648 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 25 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل انگ 22 هزار 452 ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.22 سيڪڙو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔