ڪوئيٽا: هزار گنجي ۾ فورسز جو آپريشن، 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا:هزار گنجي ۾ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا آهن، سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ مبينا دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، ترجمان موجب فورسز جي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔