بجلي ۽ گئس جو بحران پي ٽي آءِ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي:شھباز شريف

اسلام آباد: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ پي ٽي آءِ سرڪار جي 3 سالن واري بدانتظامي سبب ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي لوڊشينڊنگ ٻيهر شروع ٿي وئي، بجلي ۽ گئس جو بحران پي ٽي آءِ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو ثبوت آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي وفاقي سرڪار تي تنقيد، شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان ٽن سالن ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي ذريعي اپوزيشن اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو، حڪومت نواز ليگ مٿان مهانگي اگهه تي بجلي جا پلانٽ لڳائڻ واري الزام به ثابت نه ڪري سگهي، پي ٽي آءِ جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب پاڪستان کي هر مهيني 2016 ملين ڊالرز ادا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔