چين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ناهي چيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چين سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به کُلي ڪري ناهي چيو، سي پيڪ تي قومي اتفاق راءِ موجود آهي، هن تي فيصلو ٿي چڪو آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ڪنهن کي پسند هجي يا نه هجي سي پيڪ اسان جي ضرورت آهي، هي پنهنجي منزل تائين پهچي ويندو ۽ مان واضح ٿو ڪيان ته چين ڪڏهن به ناهي چيو ته توهان آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪيو، اسان بلڪلبه آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهينداسين، آمريڪا جو چين سان لاڳاپان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي طرح ڪير به ناهي چوندو، انداز هوندا آهن، معنيٰ واريون ڳالهيون هونديون آهن، ان جي پنهنجي ترجيح هوندي آهي، افغانستان جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هرگز نه چاهيندو ته ڪابل تي قبضو ٿئي، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته افغان حڪومت به پنهنجي رويي ۾ لچڪ ڏيکاري، طالبان سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪري مامرا طئي ڪري، صدر اشرف غني جا ساٿي ۽ طالبان به افغاني آهن، هنن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔