شھباز شريف جو پيغام مليو، جيڪڏھن وزيراعظم اچي ته ھو اجلاس ۾ نه ايندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچي رھيو ھو، پر اپوزيشن ليڊر شھباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي پيغام مليو تھ جيڪڏھن وزيراعظم آيو تھ ھو اجلاس ۾ نھ ايندو، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ھن چيو تھ اسان جي دعا ۽ ڪوشش آھي تھ افغانستان ۾ پرامن حڪومت قائم ٿئي، اسان ڪوشش ڪيون پيا تھ افغانستان ۾ ڳالھيون ٿين، ھن چيو تھ طالبان جو حڪومت ۾ اچڻ آسان نھ ھوندو، اسان چاھيون ٿا تھ افغان طالبان ۽ غني حڪومت ۾ ڳالھيون ٿين، 30 لک افغاني پاڪستان ۾ موجود آھن، وڌيڪ اچي ويا تھ معاشي بار وڌي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔