آپريشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿينديون آهن، هي ڪا ٻاراڻي راند ناهي:ڊي آءِ جي سکر

گھوٽڪي/ميرپورماٿيلو: گھوٽڪي ۽ ميرپورماٿيلو جي ڪچي ۾ جاري آپريشن ۽ پوليس اھلڪار جي شھادت بابت ايس ايس پي گهوٽڪي چيو آهي ته ڌاڙيل حبيب الله اوڳاهي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ته مقابلو ٿيو، گوليون اي پي سي مان آر پار نه ٿيون، فائرنگ دوران اي پي سي ۾ ويٺل اهلڪار عبدالرحمان وسير منهن ٻاهر ڪڍيو ته کيس مٿي ۾ گولي لڳي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي پوليس جي ناقص رٿابندي بابت چيو آهي ته آپريشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿينديون آهن، هي ڪا ٻاراڻي ناهي، حقيقي ويڙهه ٿيندي آهي، ڪچي ۾ آپريشن هر صورت ۾ جاري رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔