قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ صهيب مقصود خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

ڊربي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽسمين صهيب مقصود چيو آهي ته مان هر پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.
ڊربي مان ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي صهيب مقصود چيو ته مان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بنا خوف راند کيڏي، هاڻ به ائين کي کيڏڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن چيو ته ٽيم ۾ جيڪي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، اڳ ۾ انهن جو حق آهي، مان پي ايس ايل ۾ هيٺين نمبرن تي به کيڏيو آهيان، تنهن ڪري ڪنهن به پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان.
سندس چوڻ هو ته وڏي وقت کانپوءِ ٽيم ۾ واپسيءَ جو موقعو مليو آهي، ان مان ضرور فائدو کڻندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔