سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ ۾ ترقي کان اڳ ڪامورن کان ٽريننگ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 18هين گريڊ جي 60 ڪامورن کي پهريون ڀيرو صوبي جي ماتحت اداري مان 19هين گريڊ ۾ ترقي ماڻڻ کان اڳ واري ٽريننگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سروسز کاتي جي اختيارين پاران پي ايس ايس گروپ ۽ ايڪس پي سي ايس گروپ جي 30_30 آفيسرن کي پهرين مرحلي ۾ ٽريننگ ڏياري ويندي. مڊ ڪيريئر مينيجمينٽ ڪورس (ايم سي ايم سي) ۾ ٽريننگ لاءِ 18هين گريڊ جي 60 ڪامورن جا نالا شامل ڪيا ويا. ايڪس پي سي ايس گروپ جي 30 ڪامورن ۾ سهيل شهزاد ابڙو، وسيم ميمڻ، محمد حسين لنڊ، احسان قريشي، محمد حسن خاصخيلي، شاهد شاھ، فياض راهوجو ۽ ٻيا ڪامورا شامل آهن. پي ايس ايس گروپ جي جاويد ابڙو، عاشق چانڊيو، سڪندر بلوچ، ڪرن شيخ، صفيه عامر اسراڻ، صمد سمون، عروج فاطمه، نثار لغاري، سليم الله اوڍو سميت 30 ڪامورا شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔