سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 مريض فوت، 431 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 مريض فوت، 431 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. صوبي ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ وڌي 5427 ٿي ويو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪورونا جا اڄ 405 مريض صحتياب ٿيا، هن وقت 19284 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 553 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 50 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔