ساھرين پھچندي ڪنوار گھوٽ کي چماٽ وھائي ڪڍي

ڪراچي : شادي جي ڪجھ وقت بعد زال ۽ مڙس ۾ جھيڙا تھ معمول جي ڳالھ آھن پر ساھرين پھچندي ئي مڙس کي چماٽ ھڻي واپس پيڪين گھر اچڻ غير معمولي ۽ ڪنھن بھ ڇوڪري جي لاءِ ناممڪن عمل آھي. ڀارتي رياست اتر پرديش جي شھر جونپور سان تعلق رکندڙ ڇوڪري ساھرين پھچندي ئي مڙس کي چماٽ وھائي ڪڍي ۽ پيڪين واپس ھلي وئي، ڪنوار پاران گھوٽ کي چماٽ ھڻڻ وارو واقعو جونپور جي لواين ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي ڪنوار ساھرين پھچندي ئي گاڏي مان لھي گھوٽ کي چماٽ وھائي ڪڍي ۽ پنھنجو عروسي لباس تبديل ڪري واپس پيڪين ھلي وئي، رپورٽس موجب ڪنوار پاران ساھرين پھچي گھوٽ کي چماٽ ھڻي واپس پيڪين اچڻ جي خبر جھنگ جي باھ وانگر پکڙجي وئي، شروعات جاچ ۾ اھا خبر پئي آھي تھ ڪنوار کي شادي جي ڏينھن ئي گھوٽ جي ڪنھن ڇوڪري سان عشق بابت خبر پئي ۽ رد عمل ۾ اھو قدم کنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔