سنڌ جو پاڻي، بجلي ۽ گئس بند ڪري پيغام ڏنو پيو وڃي ته توهان کي نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ

ڪراچي: سنڌ جو پاڻي، بجلي ۽ گئس بند ڪري پيغام ڏنو پيو وڃي ته توهان کي نه ڇڏينداسين، پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جَي عوام کي ووٽ نه ڏيڻ جِي سزا ڏئي رهي آهي، سنڌ جَي توانائي واري وزير امتياز شيخ صوبي ۾ گئس جي بندش تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس جي بندش سان صنعتون ويهي وينديون، جنهن سان ايڪسپورٽ ۽ ٽئڪس اوڳاڙي شديد متاثر ٿيندي، گئس پيدا ڪندڙ صوبي جي گئس بند ڪرڻ آئين جي خلاف ورزي ۽ زيادتي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير خلاف منظم طريقي سان مهم هلائي پئي وڃي، وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کي مراد علي شاهه جهڙو قابل وڏو وزير نه ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔