سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فِيَن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ کان انڪار

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فِيَن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ کان انڪار، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز بابت چيئرمين نثار کهڙي ۽ سنڌ يونيورسٽي جَي شاگردن ۾ ڳالهيون ناڪام، نثار کهڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا 50 سيڪڙو فيس گهٽائيندي پر واڌو 50 سيڪڙو فيس شاگردن کي ڀرڻي پوندي، شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪورونا سبب اڳ ئي تعليم سخت متاثر ٿي چڪي آهي، يونيورسٽي انتظاميا رليف ڏيڻ بدران فِيَن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري پريشان ڪري ڇڏيو آهي، فيصلو واپس وٺڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. جڏھن تھ ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد نثار کھڙو واپس ھليو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔