ورڪس ۽ سروسز کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي: ملير جي گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ٽول پلازه جي ٺيڪي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف درخواست تي جواب جمع ڇو نه ڪرايو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ورڪس ۽ سروسز کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي غيرقانوني طور ٽئڪس اوڳاڙيو پيو وڃي، ٽول پلازه جي ٺيڪي جي مُدي ۾ به غيرقانوني طريقي سان 30 جون تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔