پي ايس ايل سڪس جو نئون چيمپين ڪير؟ پشاور زلمي يا ملتان سلطان فيصلو اڄ ٿيندو

ابوظهبي: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 جو فائنل اڄ ملتان سلطان ۽  پشاور زلمي جي وچ ۾ ابوظهبي ۾ کيڏيو ويندو.

پي ايس ايل سڪس جي فاتح جو فيصلو اڄ ٿيندو. ملتان سلطان پي ايس ايل جي تاريخ ۾  پهريون ڀيرو فائنل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته پشاور زلمي چوٿون ڀيرو فائنل کيڏي رهيو آهي. سال 2017 ۾ پشاور زلمي ڪوئٽه گليڊي ايٽرز کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هينئر تائين گڏيل طور تي اٺ ميچ کيڏيا ويا آهن جن مان پنجن ۾ ملتان سلطان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. گذريل ڏينهن کيڏيل ٻئي ايليمينٽري ۾ پشاور زلمي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءَ ڪيو هو.

واضح رهي ته پي ايس ايل سڪس جو پهريون حصو ڪراچي ۾ کيڏيو ويو هو پر ڪورونا سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو هو. گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن جي معطلي کان پوءِ پي سي بي ۽ فرنچائزر  گڏيل فيصلو ڪيو هو ته ليگ جا رهيل ميچ ابوظهبي ۾ منعقد ڪرايا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔