سنڌ اسيمبلي جَي اجلاس دوران متحده پاڪستان جي ميمبرز جو گوڙ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جَي اجلاس دوران متحده پاڪستان جَي ميمبرز جو گوڙ، ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، حڪومتي ميمبرز جِي بجيٽ تقرير دوران متحده ميمبرز گوڙ ڪندا رهيا، متحده ميمبرز بجيٽ رد ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جَي ماڻهن کي ايڏو تنگ نه ڪيو جو اسان اِهو چوڻ تي مجبور ٿي وڃون ته هِيءَ اسيمبلي به اسان جِي ناهي، سنڌ سرڪار جي بجيٽ رد ڪريون ٿا ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته متحده وارن جي ڳالهين جو جواب ضرور ڏيندس، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو ته ايان علي جو نالو کڻندي ئي ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو، ٻڌايو ته صحيح اها ايان علي ڪير آهي؟ صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان به پڇون ٿا ته سِيتا وائيٽ ڪير آهي؟ وڃَو شيرو کي وٺي اچو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔