هاڻ اجرڪ ٽوپي وانگر شيرواني ۽ ٽوپي جو ڏينهن ملهايو ويندو:فردوس شميم نقوي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ سرڪار جادو جو طريقو ٻڌائي 50 ارب 3 مهينن ۾ ڪيئن خرچ ڪندا، ملير ايڪسپريس وي ڪٿي نظر نه ٿو اچي، يلو لائين تي ٽڪو خرچ نه ڪيو ويو، ڌاٻيجي ۾ اڪانامڪ زون تي اڃا ڪم شروع نه ڪيو آهي، ماربل سٽي جي2016 کان تختي لڳل آهي پر اڃافيڪٽري نه آهي. هن چيو ته پي ايف سي نه ٿو ڏنو وڃي، سنڌ سرڪار جي بجيٽ وڌي ۽ مڪاني ادارن جي بجيٽ گهٽجي وئي آهي. ڪراچي ۾ صحت جا مسئلا آهن، 54 سيڪڙو ڪراچي واسي صحت جي سهولتن کان محروم آهن، هاڻ اجرڪ ٽوپي وانگر شيرواني ۽ ٽوپي جو ڏينهن ملهايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔