ترڪي ۾ 5 هزارسال قديم معصوم نينگر جو ڍانچو هٿ

انقرا: ترڪي جي قديمي آثارن واري کاتي 5 هزار 700 سال پراڻي 6 ورهين جي ٻار جو ڍانچو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي قديمي آثارن جي ماهرن اوڀر ملاطيه صوبي جي علائقي ارسلان تپا ۾ کوٽائي ڪري رهيا هئا ته ان دوران هڪ جاءِ مان اهو ڍانچو هن ٿيو.ماهرن موجب اهو ڍانچو انهن کي جنهن جاءِ تان مليو اهو ٽامي جو ٺهيل گهر هو جنهن جي باري ۾ اهو امڪان آهي ته اهو هزارين سال پراڻو آهي. ٻار جي ٻانهن ۽ ڳاٽي مان موتي مليا جنهن مان لڳي ٿو ته ٻار ڪنهن معتبر گهراڻي جو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔