سارا خان اميد سان هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا سارا خان اميد سان هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
گذريل سال جولاءِ ۾ گلوڪار فلڪ شبير سان مڱڻو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شادي ڪندڙ اداڪارا سارا خان جي اميد سان هجڻ جون خبرون هلندڙ سال اپريل کان جاري هيون، هاڻ سارا ۽ فلڪ ٻنهي سوشل ميڊيا تي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي آهي.
سارا خان انسٽاگرام تي فلڪ شبير سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون ۽ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ قرآني آيت جو ترجمو به لکيو.
هن لکيو ته ”المحدالله اسان جي گهر ۾ پهرئين ٻار جي پيدائش ٿيڻ واري آهي، اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.
هوڏانهن گلوڪار به ان ئي ڪيپشن سان گڏ انسٽاگرام تي تصويرون پوسٽ ڪيون، جنهن کانپوءِ مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان جوڙي کي مبارڪون ڏيڻ ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔