ملڪ ۾ ڪورونا 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته هڪ هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هن وبا سبب متاثر نون ڪيسز جي شرح 1.90 سيڪڙو تائين  پهچي وئي آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 54 هزار 6.47 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 043 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.90 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا جي گڏيل ڪيسز جو انگ 946.227 ٿي وئي آهي جن مان 888.505 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

اهڙي طرح ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 21 هزار 913 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي. فعال ڪيسز جو انگ 35 هزار 809 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔