ڪراچي جي هڪ يتيم خاني ۾ نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار جيل حوالي

ڪراچي: يتيم خاني ۾ نينگري سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي. جوابدار مهدي حسن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. متاثر نينگري جڊيشل ميجسٽريٽ سامهون بيان رڪارڊ ڪرايو. جڊيشل مئجسٽريٽ ساجد اقبال جوابدار کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. جوابدار هاسٽل ۾ نينگري سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي. واقعي جو ڪيس جمشيد پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مهدي حسن زهرا هومز نالي هڪ فلاحي تنظيم جي اڪائونٽس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔