ڪوئٽه ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئٽه: مارواڙ ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ سبب 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 6 فرار ٿي ويا.

ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ترجمان موجب ڪوئٽه سان لاڳاپيل علائقي مارواڙ ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي جنهن سبب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ان جا 6 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ترجمان موجب دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهندڙ آپريشن کان پوءِ دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڪمپائونڊ جي تلاشي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي.

ڪمپائونڊ مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ آيا آهن. ترجمان موجب دهشتگرد گذريل هڪ مهيني کان فورسز تي حملن ۾ ملوث رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔