سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 19 مريض فوت، 668 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 13755 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن مان وڌيڪ 668 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 19 مريض فوت ٿياس جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5،292 ٿي ويو آهي. اڄ 3833 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙن جو انگ 304697 تائين پهچي ويو آهي. هن وقت 19941 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 606 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 46 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔