سنڌ بجيٽ: ڪرونا کي منهن ڏيڻ ۽ صحت جي ٻين منصوبن لاءِ فنڊز رکيا ويا

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير موجب هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويا. صحت کاتي جي ملازمن کي 17.03 ارب رپين جو رسڪ الائونس ڏنو ويو. رسڪ الائونس جا 430.710 ملين رپيا پوسٽ گريجويئتس، هائوس آفيسرن ۽ اسٽوڊنٽس نرسن کي به ڏنا ويا. هنگامي بنيادن تي پيراميڊڪس عملي کي 89 ڏينهن لاءِ مقرر ڪيو ويو جن تي 2.44 ارب رپيا خرچ آيو. آپريشنل خرچن لاءِ صحت کاتي کي 7.781 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيٽالوجي لاءِ صحت کاتي کي 100 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا، هيلٿ مينيجمينٽ ريفارمز يونٽ لاءِ 139.526 ملین ڏنا ويا، اسپتالن ۽ ڊسپينسريز جي قيام لاءِ 50 ملين ڪراچي ۾ ڊرگ ڪورٽس جي قيام لاءِ 17 نين آسامين لاءِ 34.241 ملین، نيو نرسنگ هيلٿ اينڊ اليئڊ هيلٿ جي قيام لاءِ 154.680ملین ڏنا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔