پ پ وارن 15 سالن ۾ رڳو مال ميڙيو آهي: ارباب غلام رحيم

عمرڪوٽ : ضلعي ۾ روڊن جي تباهي جي حوالي سان پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته مون پنهنجي صرف 3 سالن ۾ عمرڪوٽ کان انڊيا جي بارڊر تائين روڊ ٺهرايا، عمرڪوٽ ۾ سڀ منهنجي دور جا روڊ ٺهيل آهن، هنن 15 سالن ۾ رڳو مال ميڙيو آهي. ارباب غلام رحيم چيو ته مون عمرڪوٽ ڪنري کان نئوڻ ڪوٽ روڊ ٺهرايا ۽ چيلهار تائين روڊ منظور ڪرايو جيڪو هنن پنهنجي دور ۾ ٺاهڻ ڪونه ڏنو. هن چيو ته پ پ عمرڪوٽ جي نمائندن جو ڪم ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين جي ڪميشن کائڻ آهي، هي رڳو اهڙو ڪم ڪرائيندا جنهن ۾ هنن کي پاڻ کي فائدو ٿيندو هجي باقي عوام سان هنن جو ڪوبه واسطو ڪونهي. هن چيو مون پنهنجي دور ۾ ميرپورخاص عمرڪوٽ مين روڊ منظور ڪرايو جيڪو پوءِ قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ خيرپور کڻائي ويا پر عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔