حيدرآباد: ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر کي پوليس جو ڪڙو

حيدرآباد: ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي رهائشگاهه ٻاهران پوليس پهچي وئي، ايس ٽي پي ترجمان قادر چنا تصديق ڪندي چيو آهي ته علمدار چوڪ وٽ قائم ڊاڪٽر قادرمگسي جي گهر ٻاهران پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب قومي ڪارڪنن ۾ تاءُ پکيڙجي ويو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڀرسان رهندڙ هوت خان گاڏهي جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي ڪئي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته المصطفيٰ ٽائون فيز ون ۾ ايس يو پي اڳواڻ سميع الله چانڊيو جي گهر تي به چڙهائي ڪئي وئي، ڀٽائي نگر، نسيم نگر ۽ قاسم آباد پوليس جي ڪاروائي دوران ٻئي ڄڻا پوليس کي هٿ نه اچي سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔