سنڌ جي ڳالهه ڪريان ٿو ته حملا ڪيا وڃن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ سنڌ جي مسئلي تي ڳالهايون ٿا ته وفاق چڙي پوي ٿو، سنڌ جو حق گهرون ٿا ته چيو وڃي ته قومپرستي پيا ڪريو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاھ چيو تھ سنڌ جي ڳالهه ڪريان ٿو ته حملا ڪيا وڃن ٿا، چون ٿا ته سنڌ کي پئسا ڏبا ته اوهان کائي ويندا، احسان نه ٿا ڪريو، سنڌ آمدني جو 70 سيڪڙو ڏئي ٿو، اين ايف سي جي آڙ ۾ 18 ترميم تي تنقيد ڪئي وئي، سنڌ کي ايندڙ اين ايف سي جلد ڏنو وڃي، ھن چيو تھ آئين ۾ صوبن جي ذميوارين جو جو ذڪر آهي، سنڌ کي بجيٽ ۾ بلڪل به گهٽ حصو ڏنو ويو، اسان کي اهي پروجيڪٽس ڏنا ويا، جن جي ضرورت ئي ناهي، سنڌ کي 11 مهينن ۾ 588 ارب رپيا مليا آهن، سيد مراد علي شاھ چيو تھ چيو وڃي ٿو ته سنڌ کي 90 ارب رپيا ڏنا ويا، ٻڌايو وڃي ته 90 ارب ڪڏهن ۽ ڪنهن ڏنا؟، سنڌ کي فنڊز نه ڏئي وفاق واعدي خلافي ڪئي، صوبائي بجيٽ وفاق جي فنڊز تي ٻڌل هوندي آهي، وڌيڪ ٽيڪس وفاقي حڪومت جمع ڪري ٿي، وفاق سنڌ کي 62 ارب رپيا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، وفاق چيو ته 62 ارب رپين کي وساري ڇڏيو، پهرين ئي چيو هو ته سنڌ کي 62 ارب رپيا نه ملندا، وڏي وزير وڌيڪ چيو تھ سنڌ جي گئس روڪڻ بعد سنڌ جو پاڻي به روڪيو ويو، ارسا تي دٻاءٌ وڌو ويو ته سنڌ کي ٺاهه تحت پاڻي نه ڏيو، تاثر ڏنو ويو ته اسان پنجاب ۽ بلوچستان جو پاڻي چورايون پيا، اسان جا خدشا صوبن تي نه وفاق ۽ ارسا تي آهن، سنڌ جي آدمشماري به گهٽ ڏيکاري وئي آھي، آئيني حق آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايان، وفاقي وزير سنڌ ۾ اچي تعصب کي هٿي ڏئي رهيا آهن، هڪ وفاقي وزير سنڌ پوليس جي شهيدن جي توهين ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔