سنڌ ۾ حڪومت آهي ئي ڪونه، نالو صاف نٿا ڪرائي سگهن ته صوبو ڪيئن هلائيندا؟: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت آهي ئي ڪونه، جيڪڏهن اهي هڪ نالو صاف نٿا ڪري سگهن ته پوءِ اهي صوبو ڪيئن هلائيندا. شاهراهه فيصل تي ٽاور تعمير ڪرڻ بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته شاهراهه فيصل جي ٻنهي طرف سروس روڊ کي انڪروچ ڪيو ويو آهي، سڀ ڪرپٽ آهن ، ڪمشنر به چوي ٿو ته قبضو آهي، سنڌ بلڊنگ اٿارٽي کي پيسا ڏيئي جيڪو وڻيو ڪرائي وٺو، سنڌ ۾ حڪومت آهي ئي ڪونه. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته انهن حالتن ۾ صوبو ڪيئن هلندو. توهان سڀ ڄاڻو ٿا اسان کي ٻڌايو ته ، ٻيو ڪو توهان جي حڪومت ڪيئن هلائي سگهي ٿو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔