ڪورونا ويڪسين نه لڳرائڻ تي سرڪاري ملازمن جي معطلي ۽ پگهارون روڪڻ جو سلسلو شروع

اسلام آباد :ڪورونا ويڪسين لڳائڻ کان انڪار ڪرڻ تي سرڪاري ملازمن جي معطلي ۽ پگهارون روڪڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڊي پي او بنون موجب ڪورونا ويڪسين لڳائڻ کان انڪار تي 6 ليڊي پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري هنن جو پگهارون به روڪي ڇڏيون، ٻئي طرف ڪورونا ويڪسين نه لڳرائڻ تي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ پوليس جي 671 اهلڪارن جون پگهارون روڪيون ويون آهن، ايس ايس پي قمبر شهداد ڪوٽ موجب ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين نه لڳرائڻ وارن جون پگهارون سنڌ حڪومت جي فيصلي تحت روڪيون ويون آهن، جن اهلڪارن جون پگهارون روڪيون ويو انهن ۾ 37 انسپيڪٽرز، 33 سن انسپڪيٽرز، 27 اي ايس آءِ، 68 هيڊ ڪانسٽيبل، 506 ڪانسِٽيبل ۽ دفتري عملو به شامل آهي، ويڪسين لڳرائڻ جي صورت ۾ اهلڪارن جون پگهارون جاري ڪيون وينديون، واضح رهي ته سنڌ حڪومت ۽ اين سي او سي سرڪاري ۽ نجي ملازمن جي لاءِ ڪورونا ويڪسي نيشن کي لازمي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير پاران ويڪسين نه لڳرائڻ وارن سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔