گهوٽ کي گُٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو

نئين دهلي :ڀارت ۾ گهوٽ کي گٽڪو کائيندي ڏسي ڪنوار شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اهو انوکو واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو، جتي هڪ شادي تقريب لاءِ سموريون تياريون مڪمل هيون ۽ ڪنوار جا گهر ڀاتي ڄڃ جي انتظار ۾ هئا.
ڄڃ پهچندي ئي جتي سڀ خوش ٿي ويا، اتي ئي وري ڪنوار جو موڊ خراب ٿي ويو ۽ هن شادي روڪرائي ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب شادي جي موقعي تي جڏهن ڪنوار جي نظر گهوٽ تي پئي ته هو گٽڪو کائي رهيو هو، جيڪا ڳالهه هن کي نه وڻي ۽ هن اتي ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪنوار جا گهر ڀاتي کيس راضي ڪرڻ ۾ مصروف رهيا پر هن ڪنهن جي هڪ نه ٻڌي ۽ شادي روڪرائي ڇڏي، پوءِ ٻنهي خاندانن طرفان هڪٻئي کي ڏنل تحفا به واپس ورتا ويا ۽ ڄڃ موٽي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔