پي ايس ايل: بابر اعظم جي 85 رنسن جي اننگز به ڪراچي کي شڪست کان نه بچائي سگهي

ابو ظهبي : پاڪستان سپر ليگ جي 16هين ميچ ۾ ملتان سلطانز، ڪراچي ڪنگز کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ابو ظهبي ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏيندي ملتان سلطانز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.
ملتان طرفان رائلي روسو ۽ خوشدل شاهه 44-44 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان 29 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي ۽ شرجيل خان 4، مارٽل گپٽل ۽ نجيب الله زادران 11-11 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.
ٿسارا پريرا ۽ ڪپتان عماد وسيم کاتو ئي نه کولي سگهيا، جڏهن ته ڪيڊوڪ ويلٽن 35 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو.
هوڏانهن ڪپتان بابر اعظم آخر تائين ڪريز تي موجود رهيو ۽ 85 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ موٽيو پر پنهنجي ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔