ريلوي ٽريڪ 60 سال پراڻو آهي پر ٽرينون بند نٿا ڪري سگهون: اعظم سواتي

لاهور: ريلوي واري وزير اعظم سواتي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي استعيفيٰ سان ٽرين حادثي ۾ فوتين ۽ زخمين جو ڏُک ختم ٿي سگهي ٿو ته حاضر آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعظم سواتي چيو ته ڏهرڪي ٽرين حادثي ۾ 63 ڄڻا فوت ۽ 107 زخمي ٿيا، هن وقت رڳو 20 ڄڻا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. هن چيو ته ملت ايڪسپريس جي مسافرن بوگيون معمول کان وڌيڪ لُڏڻ جي شڪايت ڪئي هئي، حادثي جي جاچ جاري آهي، غفلت ڪندڙن کي سزا ضرور ملندي. سندس چوڻ هو ته ريلوي کي اپ گريڊ ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، مڪمل اپ گريڊيشن لاءِ 620 ارب رپيا گهرجن، ريلوي ٽريڪ 60 سال پراڻو آهي پر ٽرينون بند نٿا ڪري سگهون، خطرناڪ ٽريڪ جي بحالي لاءِ حڪومت کان 60 ارب رپيا گهريا آهن، معاملو وزيراعظم سامهون رکنداسين. وفاقي وزير چيو ته جاچ ريلوي آفيسرن سان گڏ فوج کان به ڪرائينداسين، ماضي جي حڪمرانن اورنج لائن ٽرين ۽ ملتان موٽر وي جهڙن ننڍن منصوبن تي اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا پر ٽرين جو سفر محفوظ بڻائڻ لاءِ مناسب بجيٽ نه ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔