معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ عمران خان جهڙن تجربن کان ملڪ کي بچائڻو پوندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻو آهي ته هاڻ عمران خان جهڙن تجربن سان ملڪ کي بچائڻو پوندو.

پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اقتدار ۾ اچي عام ماڻهو کان روزگار ڦري ورتو. عمران خان پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام کي مهانگائي جي حوالي ڪري پنهنجي ڪجهه سرمائيڪار دوستن جي لاءِ معاشي پاليسيون ٺاهيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ جي انصاف معاشي پاليسين سبب ملڪ ۾ امير، امير کان امير ۽ غريب، غريب کان غير ٿيندو پيو وڃي. عمران خان جي ناڪام معاشي پاليسين جي بدولت ملڪ جو وچو طبقو به غربت جو شڪار ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻو آهي ته آئنده عمران خان جهڙن تجربن کان ملڪ کي بچائڻو پوندو.

پ پ چيئرمين چيو ته 90 ڏينهن ۾ تبديلي جو واعدو ڪندڙ عمران خان جو هاڻ ايندڙ حڪومت ٺاهي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ جو اعلان قوم سان هڪ مذاق آهي. عمران خان جا معاشي ترقي وارا وڏا وڏا دعويٰ پٽ پئجي چڪا آهن. عوام هاڻ ڪنهن جي آسري ۾ نه ايندو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي معاشي پاليسين هميشه ملڪ ۾ عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر ڪيو. جيستائين عوام وٽ، گهر، روزگار ۽ ماني نه هوندي معاشي ترقي جي دعويٰ سچ نٿي ٿي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔