پاڪستان ريلوي ۾ هينئر تائين ڪيترا حادثا ٿي چڪا آهن؟

لاهور: پاڪستان ريلوي جي تاريخ ۾ هينئر تائين ڪيترائي وڏا حادثي ٿي چڪا آهن جن ۾ سوين ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ريلوي کي ڪروڙين روپين جو نقصان به ٿي چڪو آهي.

پاڪستان ريلوي جي تاريخ ڪيترن ئي وڏن حادثن سان ڀريل آهي. خوفناڪ ٽرين حادثو 4 جنوري 1990 تي ٿيو. جڏهن پنوعاقل ويجهو سانگي ۾ ٽرين حادثي ۾ 307 ڄڻا فوت ٿي ويا. 1953ع ۾ جهمپير ويجهو ٽرين حادثي ۾ 200 مسافر فوت ٿيا هئا.

اهڙي طرح 1954ع ۾ جنگشاهي ويجهو ٽرين حادثي ۾ 60 قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون. جڏهن ته ريلوي کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو. 22 آڪٽوبر 1969ع تي لياقت پور ويجهو ٽرين حادثي جو شڪار ٿي. 80 ڄڻا فوت ٿي ويا.

13 جولائي 2005 تي گهوٽڪي ويجهو 3 ٽرينون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن سبب 120 ڄڻا فوت ٿي ويا. جولاءِ 2013 ۾ خانپور ويجهو ٽرين رڪشي سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 14 مسافر فوت ٿي ويا. 2 جولاءِ 2015 تي گوجرانوالا ۾ خوفناڪ ٽرين حادثو پيش آيو.  جنهن ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. 17 نومبر 2015 تي بلوچستان ۾ ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا.

3 نومبر 2016 تي ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ٻه ٽرينون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن سبب 21 ڄڻا فوت ٿي ويا. 31 آڪٽوبر 2019 تي ضلعي رحيم يار خان ۾ مسافر ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب 74 ڄڻا فوت ٿي ويا. 11 جولاءِ 2019 تي رحيم يار خان ويجهو اڪبر ايڪسپريس مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب 20 مسافر فوت ۽ 60 زخمي ٿي پيا.

سال 2019  پاڪستان ريلوي جي تاريخ جو بدترين سال ثابت ٿيو. جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ حادثا ٿيا. ريلوي جي رڪارڊ موجب سڀني کان وڌيڪ جون ۾ 20 حادثا ٿيا. جنهن ۾ انساني حياتين سان گڏوگڏ ريلوي کاتي کي به ڪروڙين روپين جو  نقصان ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔