پاڻي کوٽ خلاف سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا، پيادل مارچ

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ سبب زرعي زمينن سُڪي ٺوٺ ٿي ويون، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي کوٽ توڙي پاڻي جي چوري خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، سن ۾ پڇڙي جي آبادگارن طرفان انڊس هاءِ وي تي 2 ڪلوميٽرز تائين پيادل مارچ بعد گاهه کائي انوکو احتجاج، زرعي پاڻي جي چوري خلاف نعريبازي، آبادگارن دانهيو آهي ته ايس ڊي او جي واعدي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه مليو، ٽندو محمد خان ۾ پ پ جي ضلعي صدر اعجاز شاهه بخاري جي اڳواڻي ۾ جيالن جو احتجاج، ماتلي چوڪ تي ڌرڻي دوران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙيل خلاف نعريبازي، ارسا چيئرمين کي فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔