اسپين ۽ پرتگال وچ ۾ ورلڊ ڪپ فائنل 2030 جي گڏيل ميزباني جو معاهدو

ڪراچي : اسپين ۽ پرتگال ۾ ورلڊ ڪپ فٽبال 2030 جي گڏيل ميزباني لاءِ معاهدو ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن جي فٽبال فيڊريشن جي صدرن معاهدن تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته پرتگال ۽ اسپين جي وزير اعظمن به هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي. ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ميگا ايونٽ جي ميزباني حاصل ڪرڻ لاءِ فٽبال فيڊريشن جي مدد ڪنديون. اسپين 1982 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پرتگال 2004۾ يورپين چيمپئن شپ جي ميزباني ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔