ڪراچي جي واپارين پاران سومر تائين احتجاج ملتوي، ايس ايڇ او معطل

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاهه سان ملاقات بعد ڪراچي جي واپارين ڪاروبار کولڻ جي حوالي سان احتجاج سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه سان گڏ واپارين پريس ڪانفرنس به ڪئي. ناصر چيو ته سومر تائين واپارين جا اڪثر مطالبا ۽ مسئلا حل ڪيا ويندا. واپارين پوليس ۽ انتظاميه جي رويي جي شڪايت ڪئي، ايس ايڇ او سعود آباد کي رورٽ ۽ معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان نٿا چاهيون ته واپارين جو معاشي قتلام ڪيون، سمورا فيصلا اين سي او سي جي فيصلن تحت ڪيا ويا آهن، هاڻ واپري تنظيمن ۽ انتظاميه وچ ۾ رابطن کي مضبوط ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔