چئن ڏينھن ۾ پاڻي چوري تي 15 ايف آئي آر داخل ڪيون: سهيل انور سيال

سکر: آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال سکر ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ سان زيادتي ٿي رهي آھي، حصي کان گھٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، بلاول ڀٽو ثابت ڪيو ته ارسا ۽ نيازي گٺ جوڙ آهي. هن چيو ته سمورا صوبا چئي رهيا آهن ته ٽي پي لنڪ ڪئنال نه کوليو وڃي ان باوجود اهو کليل آهي. نيازي حڪومت صوبن کي ويڙهائي رهي آهي، سنڌ پنهنجي حصي جو پاڻي گهري رهيو آهي، ارسا گڊو بئراج تائين پاڻي صحيح نه پئي پهچائي، اسان چاهيون ٿا ته واٽر اڪارڊ مطابق پاڻي ڏنو وڃي. صوبائي وزير چيو ته چئن ڏينھن ۾ پاڻي چوري تي 15 ايف آئي آر داخل ڪيون ويون آھن. منھنجي ۽ والد خلاف نيب سياسي ڪيس داخل ڪيا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔